جوهي (ن پ ا) ڊي سي  دادو سيد مرتضيٰ شاھ جوهي پهچي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس جو دورو ڪيو، ڊي سي دادو نئين تعمير ٿيل مختيارڪار آفيس جي ڪم کي ناقص قرار ڏيندي ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن کي چيو ته مختيارڪار آفيس جي ڪم جو معيار سٺو ناهي، ان ڪري ان کي امپروو ڪيو وڃي. ان دوران  شهرين زرعي، پيئڻ جي پاڻي جي بحران، گندگي, ڪاڇي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ، بند پيل تعليمي ادارا،  شهر اندر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، زرعي پاڻي جي کوٽ،شهر اندر قائم اڪبر جسڪاڻي لائبريري جي مسئلن،شهر اندر هٿرادو مهانگائي، گرمي سبب هيٽ اسٽروڪ لاءِ پاڻي جو ٿڌيون سبيلون نه هجڻ سميت سمورن بنيادي مسئلن بابت دانهيو، جنهن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر محمد علي لنڊ،مختيارڪار عبدالمجيد برماڻي،پبلڪ هيلٿ انجنيئر عشرت حسين پنهور،ميونسپل ايڊمنسٽريٽر نظام الدين شاهاڻي سميت ٻي کاتن جي آفيسرن کان عوام جي مسئلن بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سيد مرتضيٰ شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ هنگامي بنيادن تي صفائي سٿرائي, مختيارڪار آفيس ۾ کاتيدارن جا جائز ڪم رشوت بنا ڪرڻ  سان گڏ شهر اندر بجلي بحال ڪري واٽر سپلاءءِ  جو پاڻي شهرين کي مهيا ڪيو وڃي.