جوھي (ن پ ا) جوهي ۾ غربت کان تنگ اچي بيمار نوجوان جي هڪ دفعو ٻيهر آپگهات جي ڪوشش، شھر جي بخاري پاڙي جي رھواسي نوجوان محسن پٽ الھڏتو ڀٽي بي روزگاري، غربت ۽ بيماريءَ کان تنگ اچي تيز ڌار سان پنھنجو ڳلو ڪپي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجھه مھينا اڳ به نوجوان خودڪشي ڪوشش ڪئي ھئي جيڪو بچي ويو ھو.