جوهي (ن پ ا) جوهي شهر سميت پوري تعلقي جي بجلي ٽن ڏينهن کان بند هجڻ سبب ٻوڏ دوران شهر کي بچائيندڙ جوهي واسي گيسٽرو، مليريا ۽ چمڙيء جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته 132 ڪي وي پول ڪري پوڻ سبب ٽن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ڪري شھر اندر پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، برف جو پڻ بحران پيدا ٿي ويو آھي، بجلي بندش سبب ڪارنهوار ٺپ ٿي ويو آھي، شھرين جو ڪاروبار پڻ متاثر ٿي رهيو آھي ،شهر جي بجلي بحال نه ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي، شهرين، واپارين پاران اڄ ٽين ڏينهن به ڪامريڊ قربان کوکر، غلام قادر لغاري، هاشم کوسو، خليل عارف سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڊاڪٽر منظور چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مظاهرين چيو شهر بچائيندڙ جوهي واسين کي هاڻي سيپڪو ماري رهي آهي 132 ڪي وي پول ڪرڻ سبب ٽن ڏينهن کان ٻه گرڊ اسٽيشنون جوهي ۽ واهي پانڌي بند آهن، شهر ۾ بيماريون ڦهلجي رهيون آهن پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ آهي، معصوم ٻارڙا گيسٽرو ، مليريا ۾ مبتلا آهن سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون مريضن سان سٿيل آهن مگر شهر جي بجلي بحال ڪرڻ لاء ڪي به ڪوششون نه پيون ورتيون وڃن، فوري طور شهر جي بجلي بحال ڪري حياتيون بچايون وڃن.