دادو(رپورٽر) جوهي پوليس دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي ڀرسان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻي کي ڦل فراءِ ڪري  ڇڏيو، جوهي پوليس مارجي ويل جو لاش دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچائڻ بعد واپس جوهي رواني ٿي وئي، جڏهن ته  پوليس مارجي ويل بابت ڏوهي رڪارڊ سامهون نه آڻي سگهي آهي، آخري اطلاعن تائين مارجي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ٻي طرف ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته رات دير سان بي سيڪشن ٿاڻي ڀرسان شيخ هارڻ قبرستان وٽ هٿيار بند ڏوھ جي ارادي سان بيٺا، جن پوليس موبائيل کي ڏسندي سڌي فائرنگ ڪئي ، پوليس جي جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ هٿياربند مارجي ويو ۽ سندس ٻيا ساٿي ڀڄي ويا آهن، ايس ايس پي دادو موجب مارجي ويل هٿياربند جي قبضي مان پسٽل ، گوليون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي، ايس ايس پي دادو موجب مارجي ويل هٿيار بند جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي