جوهي پوليس جو ڪارنامو، حق گهرندڙ 40 ڳوٺاڻن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

0
176

جوهي(رپورٽر) جوهي ۾ تيل ۽ گئس ڪمپني کان حق گهرندڙ 40 ڳوٺاڻن تي جوهي پوليس دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙ جو چوڻ آهي ته اسان اسپتال ۽ پيئڻ جي پاڻي جي گهر ڪئي پر ڪمپني انتظاميا ۽ مقامي ڀوتارن جي ونگار وهندي پوليس 40  ڄڻن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جوهي پوليس ۽ ڪمپني انتظاميه جي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.