جوهي (ن پ ا) جوهي تعلقي ڏانهن ايندڙ زرعي پاڻي ڪاري موري وٽ پل ڪرڻ سبب بند ٿي ويو آھي، جنهن سبب جوهي تعلقي ۾ ھزارين ايڪڙ تي پوکيل فصل سُڪي سڙي رهيو آھي ڳوٺ روحل جمالي واسي آبادگار پوکيل ڪڻڪ پٽي مال جي چاري لاءِ  استعمال ڪرڻ تي مجبور آھن، جڏهن ته اهڙي  ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي،  آبادگار دانهين پيا ته جوهي ۾ زرعي پاڻي نه هجڻ ڪري ڪڻڪ سڪي سڙي رهي آھي، مجبورن ڪڻڪ پٽي مال جي چاري لاءِ استعمال ڪيون ٿا.