وارھ (ن پ ا) وارهه تعلقي مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ بعد متاثرين ۾ مختلف بيمارين منهن ڪڍڻ بعد متاثرين جي طبي مدد ڪرڻ لاءِ  شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو فرزند جونيئر ذوالفقار ڀٽو آغا خان اسپتال ڪراچي  جي ڊاڪٽرن جي ٽيم ساڻ ڪري وارھ جي رليف ڪئمپ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ هڪ ڏھاڙي جي  مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري 300 کان وڌيڪ مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون، ڪئمپ ۾ مريضن جي جونيئر ذوالفقار پاڻ به خدمت ڪندي کين دوائون ڏيندو رهيو، جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي اهڙي قدم کي سوشل ميڊيا تي ساراهيو پڻ ويو ان موقعي تي عنايت عمراڻي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هيا .