لنڊن(م ڊ) برطانيا جي حڪومت وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جي اجازت ڏئي  ڇڏي، اسانج فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ايمنيسٽي انٽرنيشنل به ان منظوري جي مذمت ڪئي آهي. ڪالهه برطانيا جي گهرو وزير پريتي پٽيل بل تي صحيح ڪئي جنهن سان جولين اسانج جي آمريڪا حوالگي يقيني بڻجي ويندي. هاڻ 14 ڏينهن اندر اسانج ان فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري سگهي ٿو، سندس وڪيلن جو چوڻ آهي ته اسانج جي حياتي کي اڃا به خطرو آهي. ان فيصلي خلاف اسانج ۽ سندس حامين عدالت وڃڻ ۽ فيصلو چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي طرف انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنيسٽي انٽرنيشنل بيان ۾ چيو آهي ته جولين اسانج کي آمريڪا حوالي ڪرڻ سندس زندگي کي خطري ۾ وجهڻ برابر آهي ان سان سڄي دنيا جي صحافين ڏانهن خراب پيغام ويو آهي. اسان برطانيا کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسانج جي حوالگي واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي آمريڪا هن تان الزام واپس وٺي کيس آزاد ڪيو وڃي. وڪي ليڪس ان فيصلي کي رد ڪندي ان کي صدمي وارو ڏينهن قرار ڏنو آهي.