جوروٽ جي جاءِ تي بين اسٽوڪس انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر

0
493
جوروٽ جي جاءِ تي بين

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر جو روٽ طرفان ٽيسٽ ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ آل رائونڊر بين اسٽوڪس انگلش ٽيم جي قيادت سنڀالي ورتي آهي.  ميڊيا رپورٽن موجب انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر روب ڪي سان بين اسٽوڪس جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته جيمز ايڊرسن ۽ اسٽيورٽ براڊ جي سينيئر جوڙي جي اسڪواڊ ۾ واپسي چاهيان ٿو

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم براڊ ۽ اينڊرسن کي ويسٽ انڊيز دوري ۽ ايشز سيريز ۾ خراب ڪارڪردگي سبب ڊراپ ڪيو هو. هوڏانهن انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ نوڪري جو اشتهار ڏنو آهي، جنهن ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته ٻه هيڊ ڪوچ مقرر ڪيا ويندا، هڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ ۽ محدود اوورن جي ڪرڪيٽ لاءِ ٻيو ڪوچ گهربل آهي.ياد رهي ته بين اسٽوڪس 2019ع ۾ انگلينڊ کي ورلڊ ڪپ پڻ کٽرائي چڪو آهي.