جوبائيڊن پناهگيرن کي آمريڪا اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

0
426

واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي صدر جوبائيڊن هلندڙ سال جي دوران ساڍا 52 هزار پناهگيرن کي آمريڪا اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ ايندڙ پناهگيرن جو تعداد محدود ڪري 15 هزار ڪئي هئي، هاڻي موجوده صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي دوران هڪ لک 25 هزار تائين پناهگيرن کي آمريڪا اچڻ جي اجازت ڏني ويندي، جوبائيڊن جي اهڙي اعلان تي سينيٽ جي پرڏيهي مامرن جي ڪميٽي طرفان بائيڊن انتظاميه جي اهڙي قدم جي واکاڻ ڪئي وئي آهي.