جوابدار ڌر عدالتن جو وقت وڃائي رھي آھي، انصاف ڪيو وڃي:ام رباب

0
345

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بئنچ ۾ اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي ڪارروائي بنا ملتوي، اُم رباب ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏئي چڪي آهي ته ماڊل ڪورٽ دادو کي ڪيس تي فيصلو ڪرڻو آهي، اُن باوجود ڪيس لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيو ويو، جوابدار ڌُر دير جا هربا استعمال ڪندي عدالتن جو وقت ضايع ڪري رهي آهي، هــوءَ انصاف لاءِ هر هنڌ وڃي رهي آهي، سنڌ جي نياڻي انصاف لاءِ دربدر آهي، عوام جاگيردارن خلاف منهنجو ساٿ ڏئي ته انصاف ضرور ملندو، سنڌ جي عوام کي جاگيرداراڻي نظام خلاف آواز اٿارڻو پوندو، جاگيرداري نظام جي ڪري اسان جي گهرن مان 3-3 لاش کنيا ويا، سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود جوابدار ڌر عدالتن جو وقت وڃائي رهي آهي، مسلسل دربدر آھيان، انصاف لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھيان، جوابدار نٿا چاهين ته ڪيس هلي، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، عوام کي منھنجو ساٿ ڏيڻ گھرجي.