جوابدار مارڻ تي پوليس اهلڪارن مٿان 50لک ڏنڊ جو نوٽيس، ايس ايس پي طلب

0
352

جيڪب آباد جي عدالت 2 ڏينهن اڳ مارجي ويل جوابدارن جو جرڳو ڪري پوليس اهلڪارن تي 50 لک ڏنڊ وجهڻ جو نوٽيس ورتو

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ايس ايس پي جيڪب آباد کي 6 اپريل تي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

گذريل ڏينهن صابر جکراڻي ۽ چنگيز پنهور جي سرپينچي ۾ جرڳي دوران ٻن جوابدارن محمد شير جکراڻي ۽ بختيار جکراڻي جي خون جو نبيرو ڪيو ويو هو

جرڳي ۾ پوليس اهلڪارن محمد علي بروهي ۽ دلاور سٻايو کي ڏوهي قرار ڏيندي 50 لک ڏنڊ وڌو ويو هو، 22 ڊسمبر 2021 تي پوليس سان مبينا مقابلي دوران ٻئي جوابدار مارجي ويا هئا

هي به پڙهندا

پوليس کان ڏوهاري ۽ جرڳائي زور: 2 جوابدار ماريندڙ اهلڪارن جرڳو ڪرائي جان بچائي: 50 لک ڏنڊ