لاهور  (م ڊ) عمران خان تي حملو ڪندڙ جوابدار جو اعترافي بيان وارو وڊيو ليڪ، وزيراعليٰ پنجاب پوليس تي ڪاوڙجي پيو، لاڳاپيل ٿاڻي جو عملو معطل، جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لانگ مارچ دوران عمران خان تي ٿيل حملي واري واقعي جو جائزو ورتو ويو، وڏي وزير واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ حملو ڪندڙ جو ابدار جو وڊيو بيان جاري ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايچ او سميت پوري عملي کي هٽائي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته جاچ ڪرائي وڃي ته اعترافي بيان ڪيئن جاري ٿيو. اجلاس بعد وڏي وزير پرويز الاهي چيو ته ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، اهو ڏٺو ويندو ته جوابدار پويان ڪير آهي، جن شين جو پتو پوندو، ميڊيا تائين پهچائينداسين، عمران خان چيو آهي ته مشن ۾ پوئتي نه هٽنداسين.