نوشهروفيروز: شھناز انصاري قتل ڪيس جي جوابدارن جيل مان ٽڪ ٽاڪ ٺاھي مقتولا جي نياڻي ڊاڪٽر فاطمه انصاري کي ٻه ڏينھن اڳ موڪليا، ٽڪ ٽاڪ ۾ جوابدارن ٺٺوليون ڪيون، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاطمه انصاري چيو ته ٽڪ ٽاڪ ٺاهي مون ڏانهن موڪلڻ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته جوابدارن کي جيل ۾ سھولتون مليل آهن، هن چيو ته جوابدارن کي جيل ۾ موبائيل فون رکڻ جي اجازت مليل آهي، هن جو چوڻ هو ته ٽڪ ٽاڪ موڪلي اشارو ڏنو ويو ته فيصلو جوابدارن جي حق ۾ ايندو.