جهڏي ۾ گرفتار مڙس مٿان زال پاران ٻيو ڪيس به داخل

0
215

جهڏو: جهڏو ۾ چوري الزام هيٺ گرفتار مڙس مٿان زال موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو ٻيو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، پوليس گرفتار مڙس سليمان راهمون ۽ سندس دوست حاجي شاهه کي گرفتار ڪري ورتو، جهڏو شهر جي عابد ڪالوني مان شهري نويد جٽ جي اوطاق تان بيٽري ۽ سولر چارجر چوري جي ڏوهه ۾ جهڏو پوليس جوابدار سليمان راهمون کي چوري ٿيل سامان سوڌو گرفتار ڪري نويد جٽ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڄاڻايل جوابدار جي گهرواري مسمات نصيبان به پنهنجي جوابدار مڙس سليمان راهمون ۽ سندس دوست حاجي شاهه خلاف دانهيندي جهڏو ٿاڻي تي پهچي پنهنجي مڙس سليمان راهمون ۽ سندس دوست حاجي شاهه خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. ڪيس ۾ هن ڄاڻايو آهي ته مڙس مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن ۽ مون کي هن مان جاني نقصان جو خدشو آهي. جهڏو پوليس عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد سليمان راهمون جي دوست کي به گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.