جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هئڻ تي پبلڪ هيلٿ عملدارن، ڊي سي ميرپورخاص خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل، ڊي سي ميرپورخاص، انجنيئر پبلڪ هيلٿ  ۽ ٻيا آفيسر  23 جون تي طلب، ان ڏس ۾ جهڏو شهر جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هئڻ سبب شهر جي وڪيل پرويز اختر ٽالپر پاران ڊي سي ميرپورخاص، پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر، ايس ڊي او، اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو، ٽائون آفيسر جهڏو، ايس ڊي او ايريگيشن ڪوٽ غلام محمد، خلاف سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ ڊگهڙي 2 جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت ڄاڻايل عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 23 جون تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.