جهڏو (ن پ ا ) جهڏو ۾ سماجي اڳواڻن غلام حسين مري، محمد عقيل ۽ ٻين نبي سر موڙ وٽ اشفاق قائمخاني ۽ عدنان قائمخاني جي سهڪار سان قائم ڪيل ڪيمپ ۾ موجود 200 ٻوڏ متاثرن ۾ تنبو، خشڪ راشن ۽ مڇر دانيون ورهايون، سماجي اڳواڻن چيو ته جهڏو تعلقو ٻوڏ سبب مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، عالمي تنظيمن کي متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي.