جهڏو (ن پ ا) جهڏو جي مير پاڙي جي رهواسي پرائيويٽ اسڪول جي ليڊي ٽيچر اقصيٰ راجپوت پنهنجي والد سان گڏ احتجاج ڪندي دانهيو ته خانگي اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪندي هئس، جنهن دوران ڪراچي جي ضياءُ الدين يونيورسٽي مان سي ٽي سي جو ڪورس ڪيو، جنهن جو سرٽيفڪيٽ منهنجي نالي تي جاري ڪيو ويو، هن چيو ته اسڪول جي پرنسپال منهنجي سرٽيفڪيٽ تي جعلسازي ڪري پنهنجي ڌيءُ جو نالو ڏئي منهنجو سرٽيفڪيٽ پنهنجي ڌيءُ جي نالي سان ٺهرائي ڇڏيو آهي ۽ مون کي جعلي سرٽيفڪيٽ ڏئي اسڪول مان ڊيوٽي تان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته ڄاڻايل اسڪول انتظاميا منهنجي هڪ سال جي پگهار به مون کي ادا نه ڪئي آهي، جڏهن ته منهنجو اصل سرٽيفڪيٽ پاڻ وٽ رکي مون سان ظلم ڪيو ويو آهي، سرٽيفڪيٽ نه هجڻ سبب آئون ڪنهن ٻئي هنڌ نوڪري ڪرڻ جهڙي ناهيان رهي، هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف الزام هيٺ آيل اسڪول جي پرنسپال مختيار قائمخاني چيو ته اسان ڪا به جعلسازي نه ڪئي آهي، اسان تي لڳل الزام بي بنياد آهن.