جهڏو ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار، مشينون پهچڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿيو، علائقا ٻڏل

0
203

جهڏو(ن پ ا) جهڏو تعلقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار، شهر جا ڪيترائي علائقا ۽ 4 يونين ڪائونسلن جا سوين ڳوٺ اڃان تائين پاڻي ۾ ٻڏل، ان ڏس ۾ جهڏو تعلقي ۾ اڃا  تائين ٻوڏ واري صورتحال برقرار برقرار آهي

 شهر جا ڪيترائي علائقا شيدي پاڙو، هاشم ڪالوني، اسلم ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ اڃان تائين پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته تعلقي جي4 يوسين روشن آباد ،باکر ، مير خدابخش 2 ،مير الهبچايو تالپر جا سوين ڳوٺ اڃان تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن، پراڻ ڍورو جي پاڻي جي سطح ۾ به لاٿ نه اچي سگهي آهي

IMG-1.jpeg

جنھن سبب شهري علائقن ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي، جنهن سبب هزارين بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرين روڊ رستن تي دربدر بڻيل آهن

متاثرن جي سرڪاري طور واهر نه ٿيڻ سبب متاثر خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن، ٻي طرف پاڻي هيٺ آيل علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايم اي پاران موڪليل هيوي مشينري گذريل 11 ڏينهن کان ڊي سي ميرپورخاص جي آفيس ۾ گاڏين تي بيٺل آهي

مليل ڄاڻ موجب پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ 12 هيوي مشينون موڪليون ويون هيون، جنهن مان 10 مشينون گذريل 11 ڏينهن کان ميرپورخاص ڊي سي آفيس ۾ پيل آهن جنن کي اڃان متاثر علائقن ڏانهن نه موڪليو ويو آهي

ھي به پڙھندا

لعلو رائنڪ: لُنڊي واهه جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، شهرين جو ڌرڻو

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان