جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺ لکانو مغيري جي رهواسين صالح محمد، رسول بخش، عبدالغفار، نيڪ محمد، سڪندر مغيري ۽ ٻين چيو ته برساتن ۽ پراڻ ندي جي گهارن سبب سندن ڳوٺ مڪمل طور ٻڏي ويو آهي، جنهن ۾ ڪچا ۽ پڪا سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، هنن چيو ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي تباهه ٿي ويو ۽ چوپايو مال مري ويو آهي پر هن وقت تائين متاثر ماڻهن جي ڪا به واهر نه ٿي آهي، هنن الزام هنيو ته جهڏو انتظاميا رڳو من پسند ۽ سفارشي ماڻهن کي امدادي سامان ڏنو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.