جهڏو (ن پ ا) جهڏو سامارو روڊ تي ڳوٺ 70 وٽ تيز رفتاري سبب ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان سائينداد جروار، ساجن ڪولهي هڪ عورت ۽ معصوم ٻارڙي سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور آر ايچ سي جهڏو منتقل ڪيو ويو. جتي ڊاڪٽرن پاران کيس طبي امداد ڏني وئي.