جهڏو/ڪنري (نمائندن وٽان) ڪنري ۽ جهڏو ۾ چڪين تي ڇاپا، ڏنڊ وصول، چڪي مالڪن جي هڙتال، خبر موجب ڪنري ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي اگھن ۾ ھٿرادو واڌ ۽ سرڪاري اگھن تي عمل نه ڪرڻ وارين شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري جنيد عالم پوليس سان گڏ شھر ۾ اٽي جي چڪين تي ڇاپا ھنيا، اي سي پاران سرڪاري اگھن تي عمل نه ڪرڻ تي ڪجھه چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن کان ڏنڊ وصول ڪيو ويو، اي سي چڪين تي بيھي عوام کي سرڪاري اگھه تي اٽو خريد ڪرايو، اي سي جو چوڻ ھو ته ڪڻڪ جو اٽو 105 روپيا ڪلو وڪرو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ چڪيون سيل ڪيون وينديون، ٻئي پاسي چڪي مالڪن اي سي اڳيان ڪوٽا نه ملڻ خلاف دانھون ڪيون، جنھن بعد اي سي جي ڪارروائي خلاف احتجاج طور چڪي مالڪن سموريون چڪيون بند ڪري ڇڏيون، جنهن سبب عوام اٽي لاءِ پريشان ٿي ويو، چڪي مالڪن جو چوڻ هو ته چالان پيارڻ باوجود ڪوٽا ناهي ملي، مارڪيٽ مان ڪڻڪ مھانگي ملي ٿي جنهن جو اٽو سستو وڪرو نٿا ڪري سگهون، هوڏانهن جهڏو ۾ اي سي ۽ مختيارڪار اٽو مهانگو وڪرو ٿيڻ وارين خبرن کانپوءِ 4 چڪين تي اٽو مقرر ڪيل اگهه کان وڌيڪ وڪرو ڪرڻ تي چڪي مالڪن کان پنج پنج سئو رپيا ڏنڊ وصول ڪيو، جڏهن ته شهر جي ٻن پيٽرول پمپن تي پيٽرول جي ماپ گهٽ هجڻ تي ٻه ٻه هزار ڏنڊ وصول ڪيو.