جهڏو (ن پ ا) جهڏو ويجهو عورت گهروارن کان ناراض ٿي زهر پي ڇڏيو، اسپتال منتقل، خبر موجب ڳوٺ نياز محمد ڪپري ۾50 سالا نيامت زال سومار ڀيل گهر ڀاتين سان ناراض ٿي گهر اندر پيل جيت مار دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن فوري طور جهڏو آر ايڇ سي منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.