جهڏو ويجهو شادي شده ناري جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

0
284

جهڏو(ن پ ا) جهڏو ويجهو شادي شده ناري جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، ڳوٺ دوست محمد اوٺو ۾ 19ورهين جي جهمڪي زال شنڪر ڪولهي جو گهر مان لاش مليو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ناري جي مڙس شنڪر ڪولهي جو چوڻ آهي ته ڪم سان ٻاهر ويل هئس، گهر آيس ته زال جو ڦاهو کاڌل لاش مليو، پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.