قمبر: ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايم پي اي سردار خان چانڊيو چيو ته منهنجو جهيڙي سان ڪو به تعلق نه آھي، ڌريون پاڻ ۾ ماسات آھن، انهن جو پراڻو تڪرار هلندڙ آھي، مون انهن جو پاڻ ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون پر انهن صلح نه ڪيو مان جوابدار ڌر جي ڪا به سپورٽ نه پيو ڪريان، مون مٿان سياسي مخالفن جي چوڻ تي ڪوڙا الزام هڻي رهيا آھن، جن ۾ ڪا به صداقت نه آھي.