ڊکڻ: چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ 3 سال کان تڪرار هلندڙ آهي، حب علي مامو ۽ ٻي ڌر سڪندر چانڊيو ڀاڻيجا آهن، ڌرين ۾ جهيڙي دوران ٻنهي جا 7 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته 3 سال اڳ رتيديري ۾قتل نياز چانڊيو جو الزام حب علي چانڊيو جي ڌر تي هو، جتان تڪرار شروع ٿيو هو. پوليس پاران سرڪار کي حب علي چانڊيو تي 50 لک انعام جي سفارش پڻ ٿيل آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڊکڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس ڪٿان جي هئي خبر ناهي، باقي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو آهي،