جھوڪ شريف (ن پ ا) نورعين مھر جي واقعي خلاف درگاھ جھوڪ شريف جي صوفين صوفي رحمان ستاري، صوفي اشتياق عباس ستاري، صوفي عديل ستاري، صوفي برڪت ۽ صوفي رضوان احتجاج ڪندي چيو ته  نورعين قتل واقعي ۾ جيڪڏهن سندس ڀاءُ محسن مھر ملوث آھي ته  پوليس وٽ ان جا ثبوت ھوندا، ھنن چيو ته محسن مھر جي فيملي پڙھي لکي ۽ ويل ايجوڪيٽيڊ آھي ھو ائين نٿا ڪري سگھن، محسن مھر جو خاندان درگاھ جھوڪ شريف جو صدين کان مريد آھي.