جھول (ن پ ا) جھول شھر جي اسٽيشن روڊ وارڊ نمبر ھڪ جو رھواسي پارس سيڪيورٽي گارڊ ڪمپني ڪراچي جو ملازم ڪراچي جي دو تلوار چوڪ جي خانگي بئنڪ ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪندڙ اڌڙوٽ نياز عرف نيازو خاصخيلي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويوئ فوتي سومر ڏينهن نوڪري ڪري شام جو  واپس سندي رھائش گاهه نيلم ڪالوني لڳ درگاهه سيد عبدالله شاهه غازي طرف وڃي رهيو هو ته روزي کولڻ کان ٿورو اڳ ھڪ تيز رفتار رڪشا جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي روڊ تي ڪري پيو جنھن کي سخت زخمي ۽ بيھوشي واري حالت ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو.