جھول (رپورٽ: ممتاز شر) جهول جي بچت بازار ۾ ناقص اٽو وڪرو، شڪايت تي ڪارروائي، فلور مل سيل، خبر موجب انتظاميا پاران لڳايل بچت بازار ۾ ناقص ۽ صحت لاءِ حاڃيڪار اٽو وڪرو ڪيو ويو، شهرين اهڙي شڪايت اي سي کي ڪئي جنهن تي اي سي غضنفر علي شاهه، ڪوالٽي ڪنٽرولر ۽ پرائيز ڪنٽرول مارڪيٽ ڪاميٽي جي عملي سان گڏجي بچت بازار کي اٽو فراهم ڪندڙ احسن فلور مل کي سيل ڪري ڇڏيو ، ٻڌايو پيو وڃي ته رمضان بچت بازار جي انچارج اي سي معرفت ڄاڻايل فلورمل مالڪ کان ھڪ سئو اٽي جا ٿيلھا خريد ڪري بچت بازار ۾ وڪري لاءِ رکيا هئا، جتان ڪافي شھري اٽو خريد ڪري گھر کڻي وڃڻ بعد واپس کڻي آيا ۽ شڪايت ڪئي ته اهو ناقص آهي، جنهن تي ڪارروائي ڪئي وئي.