جھول/ڄام صاحب  (نمائندن وٽان) ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ واسي  2 گونگن نوجوانن کي پوليس پاران ھرکجي لاڙڪاڻي وڃڻ کان بچائي ورتو، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ جا رهواسي 2 نوجوان سجاد ۽ امداد لغاري موبائيل فون جي واٽسپ ايپليڪيشن ذريعي هرکجي لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا ته جام صاحب پوليس کين اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،  جام صاحب ٿاڻي جي وڏي منشي عبدالخالق شر موجب ته گونگن نوجوانن سان هڪ همراهه واٽسپ تي رابطي ۾ هيو ۽ اهو کين بار بار لاڙڪاڻي پهچڻ جا ميسيج ڪري رهيو هو، هو پاڻ کي عورت ظاهر ڪري رهيو هو، ٻئي نوجوان هرکجي پيادل وڃي رهيا هيا، اسان کي هٿ ڪري مائٽن کي اطلاع ڪيو، نوجوانن کي وارث وٺي ويا آهن.