جهنڊومري ويجهو ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار، 11 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

0
223
جهنڊومري ويجهو ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار، 11 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

جهنڊومري(ن پ ا) جهنڊومري ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌڻ لڳو، ڳوٺ ڪيوڙو لنڊ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 11 ماڻھن کي ڏاڙھي وڌو، ڪتي ڏاڙھيل ۾ حسين بخش، رحيم بخش، علي بخش، زرار، ديدار علي ۽ امير علي سميت ٻيس شامل آھن، علائقي واسن جو چوڻ آهي ته يوسي انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪئي پر ڪتا مار مهم نه ٿي سگهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڇتو ڪتو گهرن ۾ ڪاهجي پيو ۽ هڪ ئي گهر جي 4 ڀاتين کي ڏاڙھي وڌو، ڪتي بابت انتظاميا کي به ٻڌايوسين پر ڪتو نه ماريو ويو جنه ڪري وڌيڪ ماڻھون زخمي ٿيا آهن.