جهمپير مان مهيني کان گم تعليم کاتي جي ملازم جي قتل جو انڪشاف

0
303

ٺٽو (رپورٽر) جهمپير مان مهينو اڳ پراسرار طور گم ڄاڻايل تعليم کاتي جي ملازم مهر علي شاهه جي قتل جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس پاران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

رات دير سان پوليس پاران گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن غلام نبي چانگ ۽ نظر علي چانگ مهر علي شاهه کي قتل ڪري لاش کوهه ۾ اڇلائڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي

پوليس جي ٽيم لاش ڪڍرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن سان گڏ کوهه تي پهچي وئي، ذريعن موجب ايس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي انسپيڪٽر فيصل شفيع ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس جي هڪ ٽيڪنيڪل ٽيم مقتول جي فون نمبر کي لاڳيتو ٽريس ڪري رهي هئي

 فون ڪالز جي مدد سان ٻنهي جوابدارن کي ٽريس ڪري گرفتار ڪيو ويو، مقتول جي ڀائيٽي جو چوڻ آهي ته مهر علي شاهه اسڪول جو نائب قاصد هو، کيس جي پي فنڊ جا اڍائي لک روپيا مليا هئا، جوابدارن پئسن جي لالچ ۾ کيس قتل ڪيو