شهدادڪوٽ/ ڪچي پل (نمائندن وٽان) بلوچستان جي علائقي جهل مگسي ليويز پوليس جي حد گاڙ ۾ زميني تڪرار تان چانڊامو مگسين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ هڪ ئي خاندان جا پيءُ، ٻه پٽ ۽ هڪ سئوٽ مارجي ويا،لاش جهل مگسي جي آر ايڇ سي مان وارثن حوالي ڪيا ويا، ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر جهل مگسي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو واقعو زميني تڪرار تان ٿيو آهي،

هڪ ڌر زمين ۾ ڪم ڪرڻ وئي جتي ٻئي ڌر موقعي تي ئي هڪ ئي خاندان جا چار ماڻهو ماريا آهن. جوابدار ڌر جا ماڻهو گهر خالي ڪري ويا آهن، جن جي گرفتاري لاءِ  ڇاپا جاري آهن، واضع رهي ته مقتولن ۾ علي بخش، علي دوست، امام بخش، مهيم خان شامل آهن.