جهلم (م ڊ)  نواز ليگ سرائي عالمگير جي صدر راجا رئوف کي اغوا کانپوءِ قتل ڪيو ويو. مقامي پوليس موجب 6 ڦورو يونين ڪائونسل سرائي عالمگير جي اڳوڻي چيئرمين راجا رئوف جي گهر ۾ داخل ٿيا، ڦرلٽ کانپوءِ اهي راجا رئوف کي گڏ کڻي ويا ۽ رستي ۾ ئي کيس قتل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله پنجاب ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي آر پي او راولپنڊي ۽ ڊي پي او جهلم کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رانا ثناءُ الله لاڳاپيل ادارن کي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪارروائيءَ جي هدايت ڪئي آهي.