لاهور (بيورو رپورٽ) ڪارپوريٽ فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين تحريڪ انصاف جي پارلياماني ميمبرن سان گڏ عدالت ۾ پيش، عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ جي جج امير محمد چوڌري کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست ۾ موجوده عدالت جو اختيار نٿو بڻجي. جهانگير ترين جي شوگر ملز ۾ ملازمن جا اڪائونٽس، مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ٿيا. ان موقعي تي جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته اسان وڌيڪ ايندڙ هفتي ۾ ڪجهه دستاويز جاچ آفيسر کي ڏينداسين. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست ۾ 17 اپريل تائين واڌ ڪندي عدالت جي اختيار بابت ايف آءِ اي ۽ ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا. جڏهن ته سيشن ڪوٽ ٻنهي جي عبوري ضمانت ۾ 22 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي جهانگير ترين سان گڏ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ به شرڪت ڪئي.

لاهور: تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته جاچ ضرور ڪريو پر اهڙي ٽيم جوڙيو جيڪا ٽيليفون ڪال تي ڪم نه ڪري، عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته عدالت مان ڀڄي نه رهيو آهيان، عدالت جڏهن به گهرائيندي پيش ٿيندس، انشاءُ الله عدالت مان سرخرو ٿينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ جهانگير ترين چيو ته ايف آءِ آر اسلام آباد ۾ ٿي، يو ايس بي ۾ هتي آئي ۽ ان تي صحيح ٿي، فون ڪالز تي ٽيم ٺاهي وئي، جيڪا ٽيم ڪم ڪري رهي آهي اها فيئر ناهي، جاچ لاءِ شفاف ٽيم جوڙيو. جهانگير ترين جو چوڻ هو ته جاچ ضرور ڪريو پر شفاف ٽيم جوڙيو جيڪا تڪراري نه هجي، اهڙي ٽيم هجي جيڪا فون ڪالز تي ڪم نه ڪري، جائز، شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته تحريڪ انصاف منهنجي پارٽي آهي، اسان پارٽي ۾ آهيون ۽ رهنداسين، پارٽي ۾ نه رهنداسين ته ڪيڏانهن وينداسين؟ عدالت مون سان گڏ ايندڙ ساٿين جو ٿورائتو آهيان.