اسلام آباد: حڪومتي وفد ۽ جهانگير ترين جي گروپ وچ ۾ ملاقات دوران مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، جهانگير ترين جي گروپ طرفان علي ظفر جي رپورٽ عوام آڏو پڌري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، لاهور ۾ جهانگير ترين جي گروپ سان ملاقات بعد وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اختلافن جي ڳالهين تي اپوزيشن وارا جهمريون هڻي رهيا هئا، هاڻي سندن غلط فهمي ختم ٿي وئي هوندي، اسان عمران خان جي قيادت ۾ گڏ آهيون، پارٽي ۾ انتظامي ۽ سياسي رابطه ڪاري کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جهانگير ترين جي گروپ جا خدشا ختم ڪيا ويندا، ٻنهي ڌُرين کي علي ظفر جي رپورٽ جو انتظار آهي، جهانگير ترين کي به اُميد آهي ته عمران خان سندس خلاف بنا جواز ڪارروائيون نه ڪندو، جهانگير ترين جي گروپ ۾ شامل اڳواڻن چيو ته فواد چوڌري جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومتي وفد سان ملاقات دوران پنهنجا مسئلا کُليل نموني پيش ڪيا، پي ٽي آءِ ۾ آهيون ۽ رهنداسين، اسان مطالبو ڪيو آهي ته علي ظفر جي رپورٽ پڌري ڪئي وڃي ته جيئن سڀ ڪجهه واضح ٿئي.