جهانگير ترين گروپ جو عيد کانپوءِ لائحه عمل جوڙڻ جو فيصلو

0
256

اسلام اباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس حاميميمبرن شگر اسڪينڊل جي جاچ جي حوالي سان عيد کانپوءِ پنهنجي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، جهانگير ترين گروپ جي پارليامينٽ ميمبرن مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران خان طرفان نامزد سينيٽر علي ظفر ايڊووڪيٽ جي جاچ جو انتظار ڪيو ويندو، عيد کان پوءِ ٽڪيٽ هولڊر ۽ ايم پي ايز سان صلاح ڪئي ويندي ۽ پوءِ ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي. ذريعن موجب، علي ظفر ايڊووڪيٽ ترين گروپ جي وڪيلن ۽ اڪائونٽنٽن سان به ملاقات ڪئي آهي جن ۾ هن ڪيس جي حوالي سان جهانگير ترين جي ٽيم جو موقف ٻڌو آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو ته علي ظفر ايڊووڪيٽ ايف آءِ اي ۽ جاچ ٽيم سان پڻ ملاقات ڪئي آهي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي وڌيڪ چئن ميمبرن جهانگير ترين سان رابطو ڪيو آهي. ياد رهي ته اڄ به جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي وڪيل موقف اختيار ڪيو هو ته هڪ نئين ٽيم ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي، اسان کي موقعو ڏنو وڃي ته اسان جاچ جو حصو بڻجون.