جيتوڻيڪ اي اين پي باضابطه طور تي پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي به ساڳئي پي ڊي ايم طرفان مليل شوڪاز نوٽيس تي سخت ناراض نظر اچي رهي آهي، جنهن کانپوءِ پي ڊي ايم جي اندر هڪ طرف پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي جو اتحاد نظر اچي رهيو آهي ته ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻي ۾ باقي پارٽيون نظرياتي لائين وٺي بيهي رهيون آهن، پي ڊي ايم جي اهڙي حشر تي پي ٽي آءِ حڪومت جا وزير پي ڊي ايم جي خاتمي جو اعلان ڪندي ان جو ڪريڊٽ وزيراعظم عمران خان جي ڪامياب پاليسين کي قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته پي ڊي ايم جي سياسي تحريڪ جي نه اُسري سگهڻ جي نتيجي ۾ هينئر وزيراعظم عمران خان آڏو سڀ کان وڏو چيلينج ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال کي قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ته وزيراعظم عمران خان سياسي محاذ تي اهڙي ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن ڪاميابي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ 6 مهينن تائين وزيراعظم کي ڪو به سياسي چيلينج درپيش نه ايندو.
جيڪڏهن سڄي صورتحال دوران وزيراعظم عمران خان پنهنجي معاشي پاليسي کي نئين وزير خزانه حماد اظهر جي اڳواڻي ۾ ڪامياب رستي تي آڻي وڃي ٿو ته پوءِ ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت سياسي طور سگهاري به ٿي وڃي، پر اهو فقط تصوير جو هڪڙو رخ آهي جنهن ۾ سياسي محاذ وزيراعظم عمران خان لاءِ انتهائي پرسڪون نظر اچي رهيو آهي، پر تصوير جا ٻيا ڪيترائي رخ به آهن، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان مڪمل طور تي پرسڪون نظر نه ٿو اچي، ان جو هڪڙو مثال اهو به ڏئي سگهجي ٿو ته هينئر تائين وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪابينا جي اندر تبديلين کي حتمي شڪل ڏئي نه سگهيو آهي، ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته سياسي محاذ تي جنهن تحريڪ ۾ وقفو اچي چڪو آهي ان تحريڪ جي ٻيهر اڀرڻ جا خدشا هينئر تائين موجود آهن، جنهن ڪري وزيراعظم عمران خان کي اهڙي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ ساڳئي ٽيم جي ضرورت پوندي، ان تحريڪ جي اڀرڻ جا اشارا ان مان به ملي رهيا آهن ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ اندر مخالف ڌر جي اڳواڻ واري حيثيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ به سينيٽ چيئرمين واري عهدي لاءِ عدالتن جو در کڙڪائي چڪو آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي ذهن ۾ يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ جي چيئرمين واري عهدي جي ٿوري به اميد باقي هوندي ته پوءِ پيپلزپارٽي مخالف ڌر جي ٻين پارٽين کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو پراڻو پلان ٻيهر ورجائيندي، ان ڪري پي ڊي ايم جي طرفان شوڪاز ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ کان پوءِ پيپلزپارٽي پنهنجو جيڪو سي اي سي جو اجلاس طلب ڪيو آهي ان ۾ ايندڙ سياسي حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ غور ويچار ڪندي به نظر ايندي.
سياسي منظر نامي ۾ جهانگير ترين جي جهڙي انداز ۾ انٽري ٿي آهي ان به وزيراعظم عمران خان جي مستقبل تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، جهانگير ترين هينئر تائين تحريڪ انصاف سان تعلق ڄاڻايو آهي پر کيس جهڙيون ڳالهيون پنهنجي ئي پارٽي جي اندر ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ان ۾ سمجهي ٿو ته سندس خاندان کي عمران خان جي حڪومت بند گهٽي ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري وزيراعظم عمران خان جو پي ڊي ايم سان مقابلي کان وڌيڪ جهانگير ترين سان مقابلي وارو موضوع بحث هيٺ آهي، جهانگير ترين کي اهي ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ته جنهن علائقي سان سندس تعلق آهي ان علائقي جا ٻيا سياسي ليڊر پنهنجون پنهنجون منزلون حاصل ڪري چڪا آهن پر جهانگير ترين جو جيڪڏهن شمار ڪجي ته هو پنهنجو پاڻ کي نواز شريف ۽ مريم نواز واري نااهلي واري لائين ۾ نظر اچي ٿو، جتي هو نواز شريف ۽ مريم نواز جيان اليڪشن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي، جڏهن ته سندس ڏکڻ پنجاب واري علائقي جا سمورا سياسي اڳواڻ جنهن ۾ شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير، يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ هئڻ باوجود هينئر تائين هر پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجو پاڻ کي سينيٽ جو چيئرمين به قرار ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو هڪ ٻيو اڳواڻ مخدوم احمد محمود به پارٽي جي مامرن ۾ انتهائي متحرڪ ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو، پر ان علائقي جو واحد اڳواڻ جهانگير ترين آهي جنهن وزيراعظم عمران خان کي وزيراعظم بنائڻ وارين ڪوششن ۾ پنهنجي جهاز کي جنهن طريقي سان استعمال ڪيو ساڳئي وقت ڏکڻ پنجاب جي سياسي سگهه کي به عمران خان جي پاسي ڪيو، ان سڄي صورتحال ۾ جهانگير ترين کي نتيجي ۾ پنهنجي سياسي نااهلي کان پوءِ هينئر پنهنجي پٽ سميت جيل وڃڻ جو مامرو درپيش آهي، جنهن کان پوءِ جهانگير ترين جا پنهنجا به ان آڏو سوال ڪري رهيا آهن ته وزيراعظم عمران خان سان ايتري وفاداري جي نتيجي ۾ جيڪڏهن سندس پٽ به جيل هليو وڃي ته پوءِ اهو ڪهڙو سياسي سودو آهي جيڪو جهانگير ترين ڪري رهيو آهي.
جهانگير ترين اهو شخص آهي جنهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي نتيجي ۾ پنهنجي نااهلي تي وزيراعظم عمران خان جي بچي وڃڻ جو اشارو ڏنو هو، اهو جهانگير ترين هينئر ملڪ واپس اچي عمران خان آڏو پنهنجي وفاداري جو سوال رکي چڪو آهي، جيتوڻيڪ مخدوم جاويد هاشمي کان وٺي فوزيه قصوري تائين پي ٽي آءِ جا پراڻا ڪردار جهانگير ترين کي اهي مشورا ڏئي رهيا آهن ته وزيراعظم کان انصاف جي اميد رکڻ بيڪار آهي، پر جهانگير ترين ان سڄي صورتحال کان پوءِ هينئر تائين پي ٽي آءِ ۾ رهندي پنهنجي سياسي سگهه جو مظاهرو ڪندي به نظر اچي رهيو آهي، جنهن ڪري ئي اهو چيو پيو وڃي ته هينئر وزيراعظم عمران خان کي پي ڊي ايم کان پوءِ اصل چيلينج معيشت کان وڌيڪ جهانگير ترين جو آهي، جهانگير ترين هينئر ڏسو ۽ انتظار ڪيو واري ڪيفيت ۾ مبتلا نظر اچي رهيو آهي، جنهن ڪري پيپلزپارٽي جي شهلا رضا به به پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي جهانگير ترين جي ايندڙ سياسي سفر جو آغاز پيپلزپارٽي سان ڳنڍيندي نظر آئي آهي، جڏهن ته جهانگير ترين کي پارٽي اندر تحريڪ انصاف جي ترين انصاف وارو ڌڙو قائم ڪرڻ جون به صلاحون ملي رهيون آهن، هينئر تائين جهانگير ترين ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. چيو پيو وڃي ته يوسف رضا گيلاني جي سينيٽر طور ڪاميابي پٺيان جهانگير ترين جو خاموش ڪردار به موجود آهي، جڏهن ته وزيراعظم کي اعتماد واري ووٽ ۾ ڪاميابي جي پٺيان به سندس ڪردار آهي، جنهن ڪري عمران خان کي اهو پيغام اڳ ۾ ئي ملي چڪو آهي ته جيڪڏهن جهانگير ترين چاهي ته عمران خان جي حڪومت ختم به ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ايندڙ ڏينهن جهانگير ترين خلاف ڪيسن ۾ پيش رفت واري نتيجي ۾ پيدا ٿيل اٿل پٿل جي نتيجي ۾ جهانگير ترين جي مستقبل جو تعين ڪندا.
جهانگير ترين جي اهڙي انٽري کان پوءِ جنهن سان پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کان ويندي قومي اسيمبلي جي ميمبرن تائين گڏ بيهڻ کان پوءِ جنوبي پنجاب جي وڌيڪ ميمبرن واري اڪثريت کي سامهون رکڻ کان ويندي مريم نواز جو جيڪڏهن اهو جملو ياد ڪجي ٿو ته پنجاب اندر پي ٽي آءِ جا 20 کان وڌيڪ ميمبر رڳو ن ليگ سان رابطي ۾ آهن ته پوءِ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وزيراعظم عمران خان کان ويندي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي حڪومت ڪٿي بيٺل آهي، اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب جي مامري کي شد مد سان بحث هيٺ آندو آهي، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي خاتمي واري نوٽيفڪيشن تي به سازش جهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن، شاهه محمود قريشي اهي جملا به ورجايا آهن ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ٿيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون ته پوءِ ان جي مزاحمت ڪئي ويندي، تنهن ڪري سياسي منظر واضح نظر اچي رهيو آهي ته جيڪڏهن جهانگير ترين ڪنهن هڪ پاسي پنهنجو سياسي وزن وڌايو ته پي ڊي ايم کي اها محنت ڪرڻي نه پوندي، جيڪا پي ڊي ايم لانگ مارچ يا استعيفائن جي صورت ۾ حاصل ڪرڻ گهري ٿي، ان ڪري جتي وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪابينا کي نئين جوڙجڪ ڏيڻ واري فيصلي کي حتمي شڪل ناهي ڏئي رهيو اتي ئي پيپلزپارٽي به هنيئر تائين پنهنجو پاڻ کي پي ڊي ايم جو حصو به قرار ڏئي رهي آهي.
مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ پي ڊي ايم جون باقي پارٽيون به پيپلز پارٽي يا اي اين پي سان رابطن ۾ نظر اچي رهيون آهن، پي ڊي ايم جا اڳواڻ اي اين پي کي پرچائڻ جون ڳالهيون به ڪري رهيا آهن جيڪڏهن پي ڊي ايم پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي سان پنهنجا رابطا بهتر ڪري ڇڏيا ته پوءِ صورتحال ان نقطي تي اچي بيهندي جتي يوسف رضا گيلاني جي اليڪشن دوران وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي خاتمي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر ان سڄي صورتحال جي اندر ان هائوس تبديلي ۽ نئين چونڊ وارو بحث هينئر تائين به پنهنجي حتمي شڪل اختيار ڪري ناهي سگهيو، پيپلزپارٽي هينئر تائين به پي ڊي ايم اندر ڪنهن نئين محاذ کي کولڻ بجاءِ ان ڳالهه تي اسرار ڪندي نظر اچي رهي آهي ته جيڪڏهن ان هائوس تبديلي واري پاسي وڃجي ته عمران خان کي عثمان بوزدار سميت هڪ مهيني اندر گهر اماڻي سگهجي ٿو، ان صورتحال ۾ مسلم ليگ (نواز) کي پنهنجي سياسي قرباني جو خدشو نظر اچي رهيو آهي ته جيڪڏهن اهڙي عمل جي نتيجي ۾ پنجاب اندر به چوڌري پرويز الاهي يا ايتري قدر جو حمزه شهباز شريف جي صورت ۾ نئون وڏو وزير ايندو ته ان جو نواز شريف يا مريم نواز کي ڪيترو سياسي فائدو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته وفاق اندر عمران خان جي جڳهه تي شهباز شريف کي آڻڻ وارو بلاول ڀٽو جو بيان به مسلم ليگ (ن) کي ڪيترو قابل قبول هوندو. ان ڪري پي ڊي ايم جي مڪمل خاموشي کان اڳ ان ڳالهه جو شدت سان انتظار ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ته سياسي صورتحال جي اندر ڪهڙي پارٽي پنهنجي بيانيي کي وڌيڪ سگهه سان سامهون آڻڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي، ان ۾ اهو سوال به اهم آهي ته ڇا نواز شريف کان ويندي مريم نواز پنهنجي نظرياتي پوزيشن کي ڪجهه وقت لاءِ پٺتي ڪرڻ واري پوزيشن ۾ ايندا يا نه؟ پر ان سڄي بحث جو حتمي نتيجو ان صورتحال ۾ به اچي سگهي ٿو ته جهانگير ترين پنهنجي واپسي کان پوءِ پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪيئن ڪري ٿو؟