لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ پيپلز پارٽي مضبوط ٿيڻ طرف  اهم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ڏينهن رات محنت ڪري پ پ اڳواڻ مخدوم احمد محمود ۽ جهانگير ترين خاندان ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻنهي خاندانن ۾ ڪافي وقت کان ناراضگي هئي، جڏهن ته رحيم يار خان مان پي ٽي آءِ جي چونڊيل ايم اين اي مبين به پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته هاڻي اهي واضح امڪان آهن ته  جهانگير ترين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو. جنهن سان پ پ توڙي جهانگير ترين ٻنهي کي سياسي طور وڏو فائدو پهچندو، ان سان گڏ ڏکڻ پنجاب ۾ يوسف رضا گيلاني کي فائدو پهچندو. ڇڪاڻ ته جهانگير ترين جو ڏکڻ پنجاب ۾ وڏو اثر رسوخ آهي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ۾ تبديلي جي لاءِ به جهانگير ترين  اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.