سرگوڌا: (م ڊ) وزيراعظم عمران خان ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڪابينا ۾تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت ڪڏهن به مفت ۾ گهر نٿي ڏئي سگهي. جهانگير ترين لاءِ خط لکندڙن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان پر هنن شگر مافيا سان ملي عوام کان 140 ارب رپيا کاڌا، گهر ٺاهڻ لاءِ بينڪن جي شرڪت ضِروري هئي . 25 لک جي گهر ۾ حڪومت 3 لک جي سبسڊي ڏني آهي. سرگوڌا ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سوا سال ۾ اوچتو کنڊ جي قيمت 26 رپيا مٿي هلي وئي. مهانگي کنڊ سبب عوام جا 140 ارب رپيا شوگرمافيا وٽ هليا ويا. مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ هنن ماڻهن ڪارٽيل ٺاهي عوام کي ڦريو آهي. وزيراعظم چيو ته عوام جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي. جهانگيرترين لاءِ خط لکندڙن سميت سڀني جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان پر اهو نٿو ٿي سگهي ته غريب جي لاءِ هڪڙو قانون ۽ امير لاءِ ٻيو هجي. 60 کان 70 شگر ملز 140 ارب رپين جي ڦرلٽ ڪئي، حڪومتي اختيارين وٽ انهن ماڻهن جي ڪرپشن جا ثبوت آهن ۽ هاڻ قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي رهيو آهي. معاشري ۾ احتساب نه هوندو ته معاشرو رهڻ جي لائق نه بڻجندو، ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ فراڊ طاقتور ماڻهو ڪندا آهن. مديني جي رياست ۾ تمام جلد کير جون نديون نه وهي ويون هيون. اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن بڻيو جڏهن اميرن کي به احتساب هيٺ آندو ويو. عمران خان چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ ٻه ٽي تبديليون ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي وينديون. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان سرگوڌا ۾ هائوسنگ اسڪيم منصوبي جي تقريب کي خطاب ۾ چيو ته سال جي آخر تائين سمورن ضلعن ۾ هائوسنگ منصوبا شروع ٿي ويندا. پنجاب حڪومت جي ڪاوشن سبب منصوبي تي ڪم شروع ٿيو ۽ جن ماڻهن وٽ گهر ناهي هي انهن جي لاءِ بهترين منصوبو آهي هن چيو ته امير ماڻهو کي بينڪ مان قرض ملي ويندو آهي پر هڪ عام ماڻهو ڪڏهن پنهنجي گهر جو سوچي به نٿو سگهي. هن چيو ته مهانگائي ملڪ جو تمام وڏو مسئلو آهي، رمضان پيڪيج تحت کاڌي جي شين جي قيمتن جو پاڻ جائزو وٺي رهيو آهيان. هن چيو ته ملڪ ۾ پٺتي پيل طبقي لاءِ ڪڏهن اهڙا منصوبا پيش نه ڪيا ويا ته اهي پنهنجو گهر ٺاهي سڄي زندگي سڪون سان گذاري سگهن، جڏهن ته رڳو ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ماڻهو ڪچي آبادي ۾ رهڻ تي مجبور آهن. 10 سالن دوران 10 هزار رپيا ماهوار قسط تي پٺ تي پيل طبقو پنهنجو گهر حاصل ڪري سگهندو ۽ اهو منصوبو شروع ڪرڻ تي هر ان شخص کي خراج ٿو پيش ڪيان، جنهن منصوبي لاءِ ڪوششون ڪيون، هائوسنگ اسڪيم لاءِ 31 سائٽس جي چونڊ ڪئي وئي آهي.