رياض (دلچسپ نيوز) جهاز پاڻي سان ڀريل ڪڪرن جي وچ ۾ اچڻ سبب بجلي ڪڙڪي پئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ هڪ پائليٽ اڏام ڪري رهيو هو ته اوچتو پاڻي سان ڀريل ڪڪرن جي وچ ۾ اچي ويو جنهن سبب بجلي ڪڙڪي پئي، مقامي پائليٽ ان منظر جي وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي، ان حوالي سان سعودي پائليٽ عبدالله الغامدي جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال کي ان وقت منهن ڏيئڻو پئجي وڃي ٿو جڏهن ته جهڙالي موسم ۾ جهاز اڏام ڪري انڪري اهڙي صوتحال ۾ جهاز اڏائڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.