فلوريڊا (انٽرسٽنگ نيوز) فلوريڊا کان نيو جرسي ويندڙ اڏام ۾ نانگ نڪري آيو، جنهن کي ڏسي مسافر ڊڄي ويا ۽ ڄنگهون مٿي ڪري ويهي رهيا. آمريڪي ڪمپني يونائيٽيڊ ايئر لائنز جي فلوريڊا کان نيو جرسي ويندڙ اڏام 2038 ۾ اوچتو نانگ نڪري آيو، گارٽر نالي نانگ کي پنهنجي ويجهو ڏسي مسافر خوف ۾ وٺجي ويا ۽ انهن عملي کي آگاهه ڪيو. جهاز ۾ نانگ ان وقت سامهون آيو، جڏهن اهو پنهنجي منزل جي ويجهو پهچي چڪو هو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ جهاز جي لينڊنگ به ڪئي. جڏهن جهاز رن وي تي لٿو ته ايئرپورٽ عملي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن گڏجي ان نانگ کي جهاز مان ٻاهر ڪڍيو. نانگ جي جهاز ۾ موجودگي سان ڪو مسافر متاثر ته نه ٿيو پر ايئرپورٽ جا آپريشنز متاثر ٿي ويا. اختيارين موجب جهاز جي عملي نانگ جي موجودگيءَ جو اطلاع ڏنو، واقعو 17 آڪٽوبر جو آهي، جڏهن ته نانگ جهاز ۾ ڪيئن پهتو اها خبر ناهي پئجي سگهي.