جهاز جي ڦيٿي ۾ لڪي ايمسٽر ڊيم پهچندڙ شخص گرفتار

0
476
جهاز جي ڦيٿي ۾ لڪي ايمسٽر ڊيم پهچندڙ شخص گرفتار

هيگ (دلچسپ نيوز) هالينڊ جي پوليس هڪ ڪارگو هوائي جهاز جي اڳئين ڦيٿي ۾ لڪي سفر ڪري ايمسٽر ڊيم پهچندڙ شخص کي زنده حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو

غير ملڪي ميڊيا موجب گرفتار شخص ڏکڻ آفريڪا مان هڪ مال بردار هوائي جهاز ۾ لڪي ايمسٽر ڊيم پهتو هو. پوليس موجب جهاز جي ڦيٿي ۾ لڪي ايمسٽر ڊيم پهچندڙ شخص جوهانسبرگ کان آيو هو، پر في الحال گرفتار شخص جي عمر ۽ قومي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي
پوليس موجب اڏام جي بلندي تي سردي جي شدت ۽ آڪسيجن جي گهٽتائي باوجود نامعلوم شخص جو زنده حالت ۾ ايمسٽر ڊيم پهچڻ غير معمولي ڳالهه آهي.