رياض (م ڊ) سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي سئوٽ سعود الشعلان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو مغربي ملڪن کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. تازو ئي تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي سعودي عرب جي سربراهي واري تنظيم اوپيڪ پلس پاران تيل جي پيداوار ۾ ڪٽوتي جي فيصلي تي آمريڪا ناراضگي اظهار ڪيو هو، آمريڪا چيو هو ته سعودي عرب کي معاف نه ڪرڻ گهرجي، ان خلاف سخت قدم جو وقت اچي ويو آهي، ان جي ردعمل ۾ سعود الشعلان وڊيو ۾ انگريزي ۽ فرينچ ٻولين مغرب کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن هن ملڪ (سعودي سلطنت) جي وجود کي چيلنج ڪيو ته اسان سڀ شهادت ۽ جهاد لاءِ تيار آهيون. سعودي عرب جي انساني حقن جي وڪيل عبل الله العوده چيو آهي ته الشعلان قبائلي اڳواڻ آهي ۽ سعودي عرب جي باني عبدالعزيز جو پوٽو آهي. هوڏانهن 15 نومبر تي انڊونيشيا ۾ جي 20 ملڪن جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ سعودي ولي عهد محمد سلمان به شرڪت ڪندا، وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته بائيڊن سعودي ولي عهد سان ملاقات نه ڪندو، اوپيڪ پلس جو فيصلو روس جي حق ۾ آهي، اهڙي صورتحال کانپوءِ آمريڪا ۽ سعودي عرب جي پارٽنرشپ خطري ۾ پئجي وئي آهي.