جن کي پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ۾ مزو ٿو اچي

0
168
موٽروي ڪرپشن ڪيس ۽ ڪمپني سرڪار جون ترجيحات

 اها گهوٽڪيءَ جي گرمين واري روايتي شامن مان هڪ شام هئي ۽ اسان ڪرسيون رکرائي ايس ايس پي هائوس جي لان تي ويٺا هئاسين.جتي باوردي بورچي شام جي چانهن سان گڏ ڪجهه سنيڪس رکي هليو ويو هو.منهنجي سامهون ويٺل شخص کي ڏسي ۽ سندس ڳالهيون ٻڌي مان حيران به ٿي رهيو هئس ۽ چانهن به پي رهيو هئس ته ڪيئن هڪ غريب گهراڻي جو فرد هينئر منهنجي سامهون ايس ايس پي جي عهدي تي ويٺل آهي.ان وقت کيس سنڌ پوليس جي سروس ۾ آئي ڪجهه ئي سال ٿيا هئا ۽ اهو سندس ٻيو ضلعو هو جتي هو پوليس ڪمانڊ ڪري رهيو هو.ڳالهين ڳالهين ۾ هن پنهنجي تعليمي ۽ امتحاني سفر جا واقعا ٻڌايا .مان ان وقت ساڻس هڪ اخبار لاءِ انٽرويو ڪرڻ آيو هئس.فارمل انٽرويو ختم ٿيڻ بعد هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ادا اهو روايتي جملو ته اسان چوندا آهيون ته والدين جي محنت ۽ دعائن سان هتي پهتا آهيون پر حقيقت اها آهي ته اگر لاڙڪاڻي واري شاهنواز ڀٽو لائبريري نه هجي ها ته مان شايد اهي امتحاني مرحلا ايتري آساني سان پار نه ڪري سگهان ها.منهنجو درسگاهن کان وڌيڪ وقت ان لائبريري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گذريو ٿئي يار.

اها ڳالهه اهو ايس ايس پي ڪري رهيو هو جنهن کي ڳوٺان لاڙڪاڻي تائين اچڻ لاءَ صرف بس ۽ چنگچي جي ڪرائي جيترا پئسا ملندا هئا ۽ لنچ ۾ هو دوستن سان گڏ لائبريري ٻاهران بيٺل ڇولا چانور کائي پاڻي پي اوڳرائي ڏيندو هو ۽ وري پنهنجي پڙهائي کي لڳي ويندو هو.اهڙوئي هڪ ٻيو ڪردار حيدرآباد جي علامه دائودپوٽو لائبريري مان نڪري آفيسري عهدي تي پهتل آهي جنهن کي حيدرآباد ۾ مسواڙي جڳهه يا فليٽ افورڊ ڪرڻ جيترا پئسا ان وقت نه هوندا هئا تنهن ڪري هو پنهنجي ان دوست وٽ وڃي ترسندو هو جيڪو بئنڪ ۾ چوڪيدار هو.ان چوڪيدار جي ڪمري ۾ هو رات گذاريندو هو ۽ صبح سان لائبريري نڪري ويندو هو جتي سڄو ڏينهن رات دير تائين پڙهائي ڪرڻ بعد واپس چوڪيدار جي ڪمري ۾ اچي ڊهي پوندو هو.پر اهي ڪردار مونکي هن وقت ياد ڇو اچي رهيا آهن.شايد انڪري جو هينئر سنڌ جي ننڍي وڏي شهر منجهان هڪ دانهن نوجوانن جي رڙ ٿي اڀري آهي ته اسان کي لائبريري ڏيو..

ان ڏينهن ڪشمور جي هڪ نوجوان حجت ڪئي ته سائين اسان پنهنجي شهر ۾ لائبريري لاءَ ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلائڻ وڃي رهيا آهيون توهان مهرباني ڪري پنهنجي وڊيو ٺاهي سنيڊ ڪيو.کيس ٻڌايم ته اسان جهونا ماڻهو ڊجيٽل دنيا کان پرڀرو آهيون اها وڊيو ان طرح سان متان ٺاهي نه سگهان جنهن طرح جي توهانکي گهربل هجي پر ان جي باوجود هن جڏهن ضد ڪيو ته هاڻي سنڌ جي نوجوانن سو به باشعور نوجوانن جي حجت ڪيئن ٿي ٽاري سگهجي.مون وعدي مطابق کين وڊيو ڏياري موڪلي.بعد ۾ خبر پئي ته اهو مطالبو صرف ڪشمور وارن جو ناهي پر ان کان اڳ خيرپورناٿن شاهه، شاهپور چاڪر ۽ ٻين ننڍن شهرن جا نوجوان سوشل ميڊيل تي اهڙي مهم هلائي چڪا آهن.مختلف شهرن جي نوجوانن جا پبلڪ لائبريرين بابت مطالبا پڙهي ايئن محسوس ٿيو ته سنڌ ۾ عجيب هي اساٽ آ. جيئن ٿر جا ماڻهو  برساتن يا پاڻيءَ لاءِ مطالبا ڪندا آهن تيئن هاڻي سنڌ جا نوجوان پبلڪ لائبريرين لاءِ هر شهر ڳوٺ مان مطالبا ڪري رهيا آهن.

اهي رڳو عام ڇوڪرا مطالبا نه پيا ڪن پر خود اسڪولن ڪاليجن ۾ پڙهندڙ نوجوان به هاڻي لائبريرين جي اهميت کي سمجهي گهر ڪري رهيا آهن ته سندن تعليمي ادارن ۾ لائبريريون ڏنيون وڃن.ان ڏينهن ٽائيم نيوز جي هڪ اسائينمينٽ خاطر لاڙڪاڻي جي ٻئي نمبر وڏي ۽ قديمي اسڪول ميونسپل هائي اسڪول وڃڻ ٿيو ته اتي به شاگردن ۽ استادن اها ڳالهه دهرائي ته اسڪول ۾ لائبريري ناهي.اسڪول انتظاميا هڪ ڪمرو اسڪول جي اديب استاد عيسيٰ ميمڻ حوالي ڪيو آهي جتي هن ڪرسين تي ڪتابن جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن ته اها لائبريري آهي پر جيئن اڳ ۾ هر اسڪول يا ڪاليج ۾ باقاعده لائبريري هوندي هئي ۽ ان جو لائبريرين مقرر ٿيل هوندو هو اها صورتحال ناهي.انهن لائبريرين مان اسڪول يا ڪاليجي شاگرد ڪتاب اشو ڪرائيندا هئا ۽ پڙهي واپس ڪندا هئا.مون ان ڏينهن پراڻا پنا پنهنجي فائيلن ۾ سيٽ پئي ڪيا ته سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبري جو ڪتابن جاري ڪرائڻ وارو ڪارڊ نڪري پيو منهنجي ٻارن حيرت مان پڇيو ته هي ڇا آهي، جڏهن کين ان لائبريري ڪارڊ جي استعمال بابت ٻڌايم ته هو حيران ٿي ويا ڇو ته هاڻي سندن اسڪول يا ڪاليج ۾ اهڙو ڪو نظام ناهي.

لائبريرين جو نظام ته خير اڳ ۾ به اهڙو بهتر نه هو پر اسي واري ڏهاڪي ۾ سياسي ڪارڪنن جي همٿ ۽ ڪوششن سان هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪا نه ڪا لائبريري هوندي هئي جتي اسٽڊي سرڪل هلندا هئا.اگر ڪا جڳهه نه ملندي هئي ته ان وقت جي متحرڪ سياسي ڪارڪنن يعني ٻيڙي مزدورن جي ڀانڊن تي اهڙيون لائبريريون يا مني لائبريريون قائم ڪيون وينديون هيون جتي پاڙهو ڪارڪن پڙهندا ۽ تازيون ٺهيل ٻيڙيون پيندا رهندا هئا.انهن مني لائبريرين ۾ نه رڳو ڪتاب پڙهيا ويندا هئا پر هفتيوار اسٽڊي سرڪل ۾ اهي ڪتاب پڙهندڙ پنهنجا ويچار پڻ سنگت سان ونڊيندا هئا.هاڻي نه اها سياسي سرگرمي رهي آهي نه ئي وري اهي ٻيڙي مزدور جن جي ڀانڊن تي اهڙيون مني لائبريريون باقي بچيون آهن تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي سنڌ جي نوجوانن جي مطالبي طرف ضرور توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ يا ته لائبريري قائم ڪئي وڃي اگر ايتريون لائبريريون قائم ڪرڻ سنڌ حڪومت لاءَ مشڪل ڪم آهي ته پوءِ موبائيل لائبريريون هلرايو جيڪي هر شهر يا ڳوٺن ۾ وڃي نوجوانن کي پڙهڻ لاءَ ڪتاب ڏئي اچن ۽ ٻئي چڪر ۾ اهي ڪتاب واپس وٺي ٻيا نوان ڪتاب کين پڙهڻ خاطر ڏئي اچن.

سنڌ ۾ نوجوان طبقو سڀ کان وڌيڪ پيڙهيل طبقو آهي ڇو ته انهن کي رانديون کيڏڻ لاءُ نه گرائونڊ آهن نه راندين جو سامان، انهن جي من پسند سياست ڪرڻ تي پابنديون مڙهيل آهن تنهنڪري هو هر بار مختلف پريس ڪانفرنسن ۾ دهرائيندا رهن ٿا منهنجو ۽ منهنجي ساٿين جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان واسطو ناهي، سياست ڪرڻ ڄڻ ته جرم بڻجي ويو هجي ٻئي طرف انتها پسند ڌرين ڏانهن وڃڻ جا نه رڳو رستا کليل اٿس پر انتهاپسندي جو پرچار ڪندڙ ڌرين وٽان کيس هن دنيا لاءِ به سيڌي سامان وٺڻ جيترا ڏوڪڙ ملن ٿا ته ٻئي جهان جي پڻ خاطر خواهه تسلي ملي وڃي ٿي.اهڙي دونهاٽيل ماحول ۾ اگر ڪجهه باشعور نوجوان سنڌ جي مختلف شهرن لاءَ پبلڪ لائبريرين جي گهر ڪري رهيا آهن ته منهنجي خيال ۾ سندن گهر ناجائز ناهي. سنڌ حڪومت ۾ اگر ڪو سمجهدار ماڻهون بااختيار ڪرسي تي ويٺل آهي ته کيس ضرور احساس ٿيڻ گهرجي ته هن گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ نوجوان توهان کان لائبريريون نه پر پنهنجي حصي جي آڪسيجن گهري رهيا آهن.خدارا نوجوانن کي لائبريرين جي صورت ۾ آڪسيجن فراهم ڪريو ته جيئن علمي آلودگي ختم ٿئي ۽ نوجوان بهتر سوچ واري دڳ سان هلڻ جهڙا ٿي سگهن.