جن کي نوٽيس مليا اهي موبائل چيڪ ڪرائن، سپريم ڪورٽ ۾ جواب ڏيڻو آهي: ڊي جي ايف آءِ اي

0
381
جن کي نوٽيس مليا اهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پي جي صوبائي وزيرن ۽ ميمرن کي ايف آءِ اي پاران نوٽيس ملڻ تي قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ استحقاق ڪميٽي جو قاسم نون جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ ناز بلوچ چيو ته اسان کي هڪ نوٽيس مليو ۽ چيو ويو ته اوهان سائبرڪرائيم ونگ جي سامهون پيش ٿيو.

ناز بلوچ چيو ته اسان واٽس ايپ آن ٿا ڪيون ڪيترائي ميسيج اچي ٿا وڃن، شهلا رضا، ناصر شاهه ۽ سعيدغني کي به نوٽيس جاري ٿيا آهن.

ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ  الله عباسي چيو ته ضروري نه آهي ته جن کي نوٽيس جاري ٿيو اهي ڏوهي هجن، ايف آءِ اي جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي.

ناز بلوچ چيو ته هڪ ڪارڪن ڪراچي ۾ تقرير ڪئي جيڪا غلط آهي، پارٽي ان شخص کي ڪڍي ڇڏيو، هاڻي ان شخص سان اسان جو ڪو به ذاتي واسطو ناهي، اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو ميسيج مليو، هي هراسمينٽ آهي.

جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته حراسان نه ٿي آهي ۽ نه وري ٿيندي، مان هتي ڪجهه نٿو چئي سگهان، ڇو ته مون کان سپريم ڪورٽ ۾ به پڇيو ويندو.

ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي چيو ته ميمبر اچن، پنهنجو موبائل ڏيکارين، شاهدي ڏين ۽ واپس هليا وڃن.

ان موقعي تي چيئرمين ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اها ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ته ميمبرز اوهان وٽ اچن ، اوهان کي ڇو موبائل ڏيکارين؟

ڊي جي ايف آءِ چيو ته جيڪو به ماڻهو ايندو ان جو موبائل ڏسنداسين، هڪ شخص واٽس ايپ تي هن ماڻهو کي ويلڊن جو جواب ڏنو، رات جو مون کي سنڌ جي وزير جي ڪال آئي. هن جو فيس بڪ هيڪ ٿي چڪو هو.

ڊي جي ايف آءِ چيو ته  سائبر ڪرائيم ونگ هن سال ست سئو ماڻهن کي گرفتار ڪيو، گذريل سال هڪ لک درخواستون مليون، اسان وٽ صرف سئو ماڻهو آهن.

هن چيو ته هن ڳالهه جو جواب ڏيڻو آهي ته چيف جسٽس جي خلاف سازش ٿي يا نه، مامري جي جاچ ته اهڙي طرح سان ٿيندي، ماڻهن کي گهرائي پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي، هن کان علاوه جيڪڏهن ڪوئي طريقو آهي ته مون کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح سازش جي تعين ڪيان.

هن چيو ته مون کي سپريم ڪورٽ ۾ گهرائي پڇيو ويو ته توهان ڇا ڪيو آهي، سپري ڪورٽ چئي رهي آهي ته هي چيف جسٽس جي خلاف سازش آهي، مون کي سپريم ڪورٽ ۾ جواد ڏيڻو آهي ته هي چيف جسٽس جي خلاف سازش آهي يا نه.