ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته اسان 11 اپريل تي استيفعائون ڏنيون ۽ 17 جنوري تي اسپيڪر پاران استعيفائون منظور ڪيون ويون، اسان امپورٽيڊ رجيم جو حصو بڻجڻ نه چاھيو، عمران خان انٽرنيشنل فورمن تي توھين رسالت تي آواز اٿاريو، هن چيو ته ملڪ جي مقبول ترين اڳواڻ تي بلوچستان ۾ به ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ پيمرا پاران پابندي لڳائي وئي، ملڪ جا فيصله انا جي بنياد تي ڪيا پيا وڃن، اھڙن فيصلن سان ملڪ تباھ ٿي ويندو، جن کي را جو ايجنٽ چيو ويندو ھو ھاڻي انھن سان گڏ گھمي رھيا آھن، عمران خان تان ڪيس واپس ورتا وڃن.