جن اسڪولن جي ويڪسينيشن مڪمل آهي سي 30 آگسٽ تي کوليا ويندا: سردار شاهه

0
619
باغياڻو تصور نه ڏئي ها ته

ڪراچي: تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته  جن اسڪولن جي ويڪسينيشن مڪمل آهي سي 30 آگسٽ تي کوليا ويندا، هن چيو ته خانگي اسڪولن ٻڌايو آهي ته 80 سيڪڙو ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي جن اسڪولن جي اسٽاف جي ويڪسينيشن مڪمل ناهي سي بند رهندا.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار شاهه چيو ته صحت کاتي سفارش ڪئي هئي ته 9 ۽ 10 محرم کانپوءِ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ اچي سگهي ٿي تنهنڪري ويڪسينيشن وارو عمل وڌائڻ لاءِ هڪ گفتو اسڪول بند ڪرڻا پيا. هن چيو ته وڏي وزير پاران اسڪولن بابت ڪنهن کي اعتماد ۾ نه وٺي فيصلو ڪرڻ وارو تاثر درست ناهي، وڏي وزير سڀني کي اعتماد ۾ وٺي اسڪولن بابت فيصلو ڪيو.

ھي به پڙھندا

تعليمي ادارا بند رکڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج