جنگشاھي (ن پ ا) جنگشاهي ويجھو ڪوھستان جي ڳوٺ شفيع محمد جوکيو ۾ معصوم گلڙن جھڙي ٻار ذيشان پٽ فوجي ياسين جوکيو عمر پنج سال کي نانگ ڪکي وڌو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جنگشاھي رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو. وڌيڪ حالت خراب ٿيڻ تي مڪلي سول اسپتال موڪليو ويو جتان ڊاڪٽرن مريض کي سنڌ پپلز ايمبولينس 1122 ذريعي ڪراچي جناح اسپتال نيو ويو. ڪراچي پھچڻ کان اڳ معصوم فوت ٿي ويو.