جنگشاهي (ن پ ا) جنگشاهي جي ڳوٺ محمد عثمان جوکيو جو رهواسي نوجوان  امين جوکيو ولد محمد سليم جوکيو بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. مائٽن جي بيان مطابق امين جوکيو مستانو آھي. بجلي جي ٽرانسفارمر جي پول تي آکيرو ڏسي لاھڻ لاء چڙھيو پي تہ ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي پهچايو ويو جتي ڊاڪٽر مجاز قريشي مريض کي فوري طبي امداد ڏيئي نازڪ حالت ھجڻ سبب کيس سول اسپتال مڪلي اماڻي ڇڏيو.